رياض باقر ڊاڪٽر

رياض باقر ڊاڪٽر

رياض باقر ڊاڪٽر

رياض باقر، ڊاڪٽر: نامور تعليمدان ۽ سائنسي ماهر پروفيسر، سيد رياض باقر، پهرين ڊسمبر 1933ع تي ڀارت جي شهر بنارس ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سندن ڪٽنب ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو. 1955ع ۾ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي ڪرڻ بعد ڪجهه عرصو رضا علي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار رهيو ۽ پوءِ پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (PCSIR) ۾ ريسرچ باٽنسٽ طور مقرر ٿيو. بعد ۾ 1964ع ۾ جرمن اڪئڊمڪ ايڪسچينچ پروگرام هيٺ اسڪالرشپ تي هن جرمنيءَ جي يونيورسٽي آف ڪيل (Kiel) مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن بعد پي. سي. ايس. آر. آر ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو. 1969ع ۾ ٻيهر پوسٽ ڊاڪٽورل سينئر فيلوشپ حاصل ڪري يونيورسٽي آف بون، جرمنيءَ پڙهڻ ويو. 1971ع ڌاري ساڳئي اداري ۾ سينئر ريسرچ آفيسر طور ترقي ماڻيائين. ڊاڪٽر رياض باقر، نيويارڪ اڪيڊمي آف سائنس؛ آمريڪن ايسوسيئيشن آف ايگرانامي؛ ڪراپ سائنس سوسائٽي آف آمريڪا؛ انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف پلانٽ ٽيگزانامي سميت ڪيترين تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. ڪيترن ملڪن جا دورا به ڪيا اٿس.
پروفيسر رياض باقر 1982ع کان 1987ع تائين نائيجيريا جي يونيورسٽي آف اسڪوٽو ۾ ڪراپ سائنس شعبي جو چيئرمئن ۽ ايگريڪلچر فيڪلٽيءَ جو ڊين رهيو. ان کان سواءِ ڪينيا جي موائي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ باٽني شعبي جو چيئرمئن رهيو. هن لڳ ڀڳ 30 سال جينيٽڪس جو علم پڙهايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن جو ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو آهي. اڄڪلهه بقائي يونيورسٽي، ڪراچيءَ ۾ سائنٽيفڪ ايڊوائزر ۽ فارماڪگنسي جي پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس انيڪ تحقيقي مقالا ڏيهي توڙي پرڏيهي جرنلن ۾ ڇپيا آهن.
ڊاڪٽر رياض باقر جا هي ڪتاب شايع ٿيا:
1. Medicinal and Poisonous Plants of Pakistan (1989)
2. Trees of Pakistan (1995)
3. Genetics & Cytology
4. Text book of Economic Botany (2001)
کيس پهرئين ڪتاب تي 1991ع ۾ نيشنل بڪ اوارڊ ملي چڪو آهي. بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچيءَ پاران کيس ’ڊاڪٽر آف سائنس‘ جي اعزازي ڊگري 2001ع ۾ ڏني وئي آهي. هي بقائي يونيورسٽيءَ جي ريسرچ جنرل جو چيف ايڊيٽر پڻ آهي. سندس ڪي ڪتاب سنڌ جي زرعي ادارن ۽ زرعي يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن جي مطالعي هيٺ رهندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.12.01  عيسوي

نامور تعليمدان ۽ سائنسي ماهر پروفيسر، سيد رياض باقر، پهرين ڊسمبر 1933ع تي ڀارت جي شهر بنارس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنهل خان چانڊيو
اقبال دل
راجا توڏر مل
جلباڻي احمد علي خان
سيد نذر محمد شاهه
شيرين جناح
راڻو ڏهرو
حسن حيدرآبادي
ارباب حاجي خميسو ميمڻ
اڏيرو لال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون